مرجعيت جي خلاف سازش

مرجعيت جي خلاف سازش ۽ اسان جي ناداني

 لکندڙ قبله هادي صاحب

سٻاجهڙي سنڌ جا جا سٻاجھڙا ماڻهو جڏهن ڪنهن شخص تي اعتماد ڪندا آهن ته ان جي هر ڳالھ هر فڪر ۽ هر تخيل کي حرف آخر سمجھي ويهي رهندا آهن.

ڪنهن فڪر جي خلاف ڪافي اعتراض هئڻ جي باوجود هر اعتراض کان چشم پوشي ڪرڻ کي بهتر سمجھندا آهن. دل ۾ اعتراض جا انبار هئڻ جي باوجود ٻڻڪ ٻاهر نه ڪڍندا آهن. اهوئي سبب آهي جو سياسي ساڃانهن هئڻ باوجود اسين سنڌي فقط نعرن جي سياست ڪندڙ ڌوڪي باز سياست دانن جي وڪڙ مان نڪري نه سگھيا آهيون ڇو ته اسان انهن تي اعتماد ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ئي اسان جي بهتري جا ذمه دار آهن جڏهن ته ٿورڙي ويچار ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي ته ڪير ملڪ ۽ قوم جو خيرخواه آهي ۽ ڪير ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار آهي.

مون کي ته ان ڳالھ تي تعجب ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو شخص قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ M-N-A ٿيڻ لاءِ اليڪشن تي نڪرندو آهي ته تقريرن ۾ روڊن جي پڪي ڪرڻ ۽ بجلي جي فراهمي يا مٺي پاڻي جي پلانٽ، نالين ۽ گھٽين جي پڪي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري ووٽ وٺندو آهي. اهي سڀ ته بلدياتي ادارن جا ڪم آهن. M-N-A جو ڪم قومي اسيمبلي ۾ ويهي ملڪ جي بهتري ۽ ترقي لاءِ سوچڻ ۽ راءِ ڏيڻ آهي ان جو بلدياتي ادارن ۽ ڪمن سان ڪهڙو تعلق. پر هو اسان جي اعتماد مان غلط فائدو وٺندي ڳالهين ۾ خوش ڪريو مطلب ڪڍيو وڃي.

اهڙي طرح ممبر حسيني جي نامور هستين تي اسان جو اعتماد به ائين ئي آهي.

جنهن ذاڪر کي الله تعاليٰ سٺي آواز سان نوازيو آهي ۽ ڀلو مصائب پڙهندو آهي يا هن پنهنجي محنت ۽ مشقت سان بهترين انداز بيان حاصل ڪيو آهي ۽ ڏينهن رات ذڪر آل محمد ۾ محو هئڻ ڪري فضائل اهلبيت کي سٺو بيان ڪري ٿو سگھي يا استدلال جي قوت ۽ حاضر جوابي مان فائدو وٺندي مناظري ۾ مهارت حاصل ڪري چڪو آهي ته اسان جو هر طرح جو رجههان ان جي طرف ٿو ٿئي. اسين تاريخي محقق به ان کي ٿا سمجھون علم ڪلام جو ماهر به ان کي ئي ٿا سمجھون فلسلفي جي اعليٰ درجن تي فائز به ان کي ئي ٿا سمجھون حد ته اها آهي جو اسين مجتهد به هڪ ذاڪر کي ٿا سمجھون.

حالانڪه حقيقت اها آهي ته جيڪو جنهن فن ۾ ماهر هجي ان کان اها شئ وٺجي جيڪو مناظري ۾ ماهر آهي ان کان اها تقاضا نه ڪجي جو مصائب به سٺو پڙهي مصائب خوان کان اها خواهش نه ڪجي ته مناظرو به اهو ئي پڙهي يا تاريخي تحقيق به اهوئي پيش ڪري.

اسان جي ان طبيعت جو سبب شايد اهو آهي جو اسين اڪثر ٻهراڙين جا رهڻ وارا آهيون ۽ اسان وٽ دڪان جنرل اسٽور هوندا آهن جتان ڀاڄي به ملي ويندي ته بجلي جو سامان به ملندو ته ساڳئي دڪان تا ڪپڙو ۽ جوتا به وٺي سگھبا آهن. ماڻهو جانورن جي ڊاڪٽرن کان به ماڻهن لاءِ نسخو پيچي ويهي رهندا آهن اسان جي ان سادگي مان فائدو وٺندي دشمن اسان تي حملو ڪيو جو اسان جا ڪجھ نامور ممبري، خطيب، ذاڪر خريد ڪري ورتا آهن. جيڪي پنهنجي گفتگو ۾ سڌي اڻ سڌي طرح مرجعيت جي خلاف زهر اوڳاڇيندا ٿا رهن. اسٽيج تي بيٺي بيٺي فتوائون ٿا ڏين. جنهن کي دل چئي مڪسر، حرامي، دشمن اهلبيت چون ۽ اسين ان ڪري خاموش ويٺا آهيون بلڪه واه واه ٿا ڪريون جو اهو ذاڪر اسان جي آئيڊيل شخصيت آهي جيڪو اهو ٿو چوي اهو اکين تي.

افسوس صد افسوس! مرجعيت لاءِ معصومين عليهم السلام جو سوين حديثون صراحت سان موجود هئڻ جي باوجود. عقلاً مجتهد ۽ مرجع ڏانهن رجوع ڪرڻ جي هدايت جي باوجود هڪ ذاڪر يا خطيب جي چوڻ تي معصومين عليهم السلام جي اقوال کان منهن موڙيون ۽ اها ڪٿي جي عقلمندي آهي.

ذمه دار ڪير؟

حقيقت اها آهي ته اسان جي مدرسن ۽ مسجدن جي تعمير مدارس ۾ تدريس جو جاري وساري رهڻ مال امام عليه السلام جي سبب سان آهي ۽ مال امام ۾ تصرف لاءِ حاڪم شرع (مرجع) جي اجازت ضروري آهي. ان جو مطلب ٿيو ته هن وقت شيعت جي علمي ترقي ۽ فروغ جو دار و مدار مرجعيت تي آهي بلڪه طالب علم ۽ عالم دين جي اقتصاد جو دارومدار مرجعيت تي آهي. پر افسوس جو اسان طلبه ۽ علماء عوام تائين تقليد ۽ ان جي اهميت اڃان تائين نه پهچائي سگھيا آهيون بلڪه حقيقت ته اها آهي جو اسين خود مرجعيت کي ڪونه ٿا سمجھون مرجعيت لاءِ معصومين عليهم السلام جي سوين حديثن کي مومنن تائين نه پهچائي سگھيا آهيون جڏهن ته مرجعيت سان بغير ڪنهن واسطي اسان منسلڪ آهيون ۽ اسان جا اهي حال آهن جو اسان کي خود مرجعيت سمجھائڻ جو اونو نه آهي ته ٻين کي ڪهڙو لاچار. تنهن ڪري اسان جي ذمه داري ٿي بڻجي ته مرجعيت جي باري ۾ پنهنجي معلومات وڌائي هر ماڻهو تائين پهچائي مال امام عليه السلام جو حق ادا ڪريون. دشمن جي چالاڪي جو اندازو ان مان لڳائجي ته هن هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا آهن ڇو جو شيعت جي فڪري بقا جو سبب عزاداري امام حسين عليه السلام آهي.

مرڪزيت جي بقاء جو سهرو مرجعيت جي سر تي آهي ۽ اقتصاديات جو دارومدار خمس تي ۽ مرجعيت ڏانهن رجهان تي آهي. ۽ ٻيو ته تنهن ڪري دشمن اسان جي مجالس ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪري ڇڏيا آهن جن جي گفتگو جو مقصد شيعت جي فڪر کي اجاگر ڪرڻ ناهي بلڪه ان عزاداري جي ذريعي مرجعيت جي خلاف سم پاشي ڪرڻ آهي.

دشمن سوچي ٿو ته ائين ڪرڻ سان شيعت جي عزاداري جي مقصد تي ويندي ۽ ان مجلسن مان مرجعيت جي مخالفت پروان چڙهندي ۽ مرجعيت جي مرڪزيت جي ٽٽڻ سان شيعت جي اقتصاديات ختم ٿي ويندي جڏهن شيعت جا اهي ٽئي مرڪز ناڪاره ٿي ويا ته شيعت جو وجود صفحه هستي تان مٽجي ويندو.

پر اها دشمن جي ڀل آهي. هن کي سمجھڻ گھرجي ته شيعيت انتهائي ڏکين مراحل مان گذرندي آئي آهي. ليڪن شيعت جي بقا قائم آل محمد (عجل الله تعاليٰ فرجه الشريف) جي حوالي آهي شهيد اول و ثاني ۽ ثالث جي دردناڪ شهادت جڏهن مرجعيت جي روشني کي ايران جي شيعه حڪومت دشمن جي رک ۾ ڪندي جيان ٿي چڀي.

اگر انقلاب اسلامي جي تاريخ تي غور ڪنداسين ته ان ۾ به عزاداري، مرجعيت ۽ خمس اهي ٽي عنصر ڪار فرما آهن ان ڪري دشمن سوچي ٿو ان مرجعيت جي ڪري هڪ شيعه اسٽيٽ قائم ٿي وئي آهي ۽ ان مرجعيت کي وڌيڪ فروغ نه مليو ته ڪيئي ملڪ شيعه حڪومتون قائم ڪري وٺندا.

مرهم نه ڪري سگھي ته ڪنهن ڊالرن تي فروخت ٿيل ويڪائو مال، خطيب جي وات هڻڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.

غلط فهمي ۽ ان جو ازالو ان جاءِ تي اچي اسين سوچيندا آهيون ته بس امام عليه السلام تي مرجعيت جو محافظ آهي اسين بري الاذمه آهيون!!!

پر نه امام عليه السلام جي دربار۾ اسان سڀن کي حاضر ٿيڻو آهي امام عليه السلام اسان کان پڇندو ته توهان پنهنجي ذمه داري ڪيتري نڀائي. توهان پنهنجي فرض کي ڪيترو ادا ڪيو. پوءِ ائين نه ٿئي جو امام عليه السلام جي سامهون موجود لسٽ ۾ اسان جو نالو مرجعيت جي دشمنن يا خاموش تماشائين جي حصي ۾ هجي هر ڪو پنهنجي ذمه داري کي سمجھي.

 

گزارش تخلف
بعدی