ولايت جي دفاع ۾ سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جو ڪردار
ولايت جي دفاع ۾سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جو ڪردار
ڇاڪاڻ ته معصومين عليهم السلام پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ انسانيت جي هدايت ۽ انسانيت جي نجات کي الله سائين طرفان پنهنجي ذميواري ۽ مسئوليت سمجهيو آهي.
ڏک سان ڀريل سج جيڪو 28 صفر سن 10 يا 11 هجري ۾ رسالت جي رحلت سان لٿو ( غروب ٿيو) تڏهن کان ئي غصب جي اونداهي ( تاريڪي ) ۽ غربت جو غبار شروع ٿي ويو.
هي (خلافت ۽ فدڪ جو کسجي وڃڻ) اسلام مٿان لِڪَ ، ولايت ۽ امامت مٿان ظاهري ڏاڍ هئو، ان ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ يعني موت کي دعوت ڏيڻ ۽ خاموش ويهڻ ذلت جي زندگيءَ برابر هيو، بس انهيءَ شئ کي ڏسندي اسلام جي پاڪدامن ۽ معصوم بيبي طهارت جي ملڪه رسول خدا صلي الله و آله وسلم جي جگر جو ٽڪڙو امامت جي مرڪز هر شئِ کي نه موت جي پرواھ ڪئي ۽ نه ئي وري اهو سوچيائين ته هن قدم کڻڻ کان بعد مون تي ڪيترا ظلم و ستم ڪيا ويندا. يا ائين کڻي چئجي ته سانئڻ پاڻ تي ڪيل غصب ۽ غارت جو وزن کڻي نبوي هدايت ۽ علوي سعادت جي لڄ رکي محافظت ڪئي ۽پنهنجو پيغام ايندڙ نسلن تائين پهچايو.
بيبي فاطمه سلام الله عليها جي زندگي رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم جي رحلت کان بعد تمام گھٽ هئي. ايتري وڏي عمر نه هئي پر هن جا سياسي قدم باحوصلا خاتون هجڻ جي نشاندهي ڪن ٿا يعني ٿورڙي ئي وقت ۾ گھڻا ۽ ڏکيا ڪم انجام ڏنا، ڇا ڪاڻ ته بيبي فاطمه سلام الله عليها جا اهڙي ريت قدم کڻڻ معقول ترين ۽ پسنديده ترين هئا جڏهن ته ٻئي طرح به قدم کڻڻ ممڪن هئا جيڪي پيڪر اسلام ۽ مرڪز اسلام تي لڳل ضربت جي جبران ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هئا.
بس هن تحرير ۾ حضرت فاطمه سلام الله عليها جا اُهي قدم ذڪر ڪنداسين تاڪي اُهي محبن ۽ ولايت وارن ماڻهن جي لاءِ جن جي دل اڄ به محبت اهل بيت عليهم السلام ۽ ولايت علي عليه السلام سان ڀريل آهي، نمونو بڻجن.
حريم رسالت جي دفاع
بعثت نبوي جي شروعاتي دور ۾ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم جي جان جي حفاظت ۽ حمايت اهم وظيفو هيو انهن جي لاءِ جن مشڪلاتن جي باوجود به پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلّم تي ڪلمو پڙهيو ايمان آندو ۽ انهن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو هيو ۽ انهن مان حضرت زهرا سلام الله عليها به هڪ هئي، ڇا ڪاڻ ته اسلام جي شروعات ۾ مڪي جا سياسي ۽ اجتمائي حالات صحيح نه هيا، رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم انهن ڏکين حالاتن جي ڪري مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
مڪي ۾ هن کي تمام گھڻو ماڻهن جي طرفان اذيت ۽ آذار ڏنو ويو، بزرگان قريش حتي رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم جو سندس چاچو (ابو لهب ) ننڍن توڙي وڏن سڀني کي رسول خدا جي خلاف اڀاريندو رهيو ۽ پاڻ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائين هر ممڪن اذيت ۽ آذار رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم کي رسايائين.
مڪي جي ماڻهن ڪڏهن رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم مٿان گند ڪچرو اڇلايو ته ڪڏهن وري پٿرن جو مينهن ٿي وسايو. انهي دوران ڪجهه ماڻهون مثلاَ حضرت حمزه سيدالشهداء رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم جو چاچو انهي هر طرح جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلّم جو دفاع ڪيو.
پر اسلامي تاريخ ۾ هڪ پاڪدامن عورت جنهن جو سن مبارڪ انهي وقت 5 کان 8 سالن تائين هو انهي جو نالو به رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلّم جي دفاع ڪرڻ وارن ۾ ذڪر ڪيو آهي.
انهيءَ کان علاوه هي ڳالهه حيرت ۾ وجهڻ جهڙي آهي ته جڏهن سائڻ فاطمه سلام الله عليها جي امڙ بيبي خديجة الڪبرى سلام الله عليها جو انتقال ٿيو ته پنهنجي بابي جي خدمت جي ذميواري به حضرت فاطمه سلام الله عليها پنهنجي مٿان کنئي ۽ هميشه رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم جو خيال رکندي هئي ايستائين جو ( اُمّ اَبِيهَا ) جو خطاب مليس.
نقل ڪيو ويو آهي ته قريش جا مُشرڪ حجر اسماعيل وٽ گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته جئين ئي محمد صلي الله عليه و آله و سلم هتان گذري هر هڪ اسان منجهان انهيءَ کي هڪ هڪ ڌڪ هڻي، جئين ئي اها ڳالهه سائڻ فاطمه سلام الله عليها ٻڌي ورتي ته پنهنجي والده ماجده وٽ آئي ۽ انهيءَ ڳالهه جي خبر ٻُڌائي ۽ پوءِ رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم جن کي اها خبر ٻُڌائي وئي. (دلايل النبوت، ج، 2، ص،43.)
انهي کان علاوه به سائڻ فاطمه سلام الله عليها پاڻ به رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم کي خبرون پهچائيندي هئي ۽ رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم جي حمايت ۽ دفاع ڪندي رهندي هئي.
عبدالله بن مسعود چوي ٿو ته آئون رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم سان گڏ ڪعبي جي ڀر سان بيٺل هيس، ۽ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم نماز پڙهڻ ۾ مشغول هئا. قريش جي هڪ گروه جن ۾ ابو جهل به هو مڪي ۾ ڪجهه اٺ نهر (ذبح) ڪيا هيائون، ۽ انهن اٺن جي اوجهري جو گند کڻي اچي رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم جي پٺي مبارڪ تي رکيائون فاطمه سلام الله عليها آئي انهي گند ڪچري کي پنهنجي بابا جي پٺي تان صاف ڪيو .( بحار الانوار، ج، 18، ص، 57.)
حضرت فاطمه سلام الله عليها ۽ ولايت جو دفاع
زهراءِ مرضيه سلام الله عليها حق کي ثابت ڪرڻ ۾،الله تعالي طرفان امامت لاءِ چونڊيل رهبر جي هر ممڪن مدد ڪئي ۽ ان ڳالهه کي پنهنجي ذميداري سمجهي ڪري، ڪڏهن ته رات جو حضرت علي عليه سلام سان گڏ مهاجرين ۽ انصار جي گهرن ۾ وڃي ڪري وصي رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي حمايت کي اجاڳر ڪندي رهي ۽ انهن کي اهو ٻڌائيندي رهي ته ڏسو خلافت منهنجي مڙس ابوالحسن جو حق آهي ۽ انهي لاءِ رسول خداصلي الله عليه و آله وسلم جي وصيت به موجود آهي. توڻين جو انهن انهيءَ ڳالهه ڏي بلڪل ڌيان نه پي ڏنو ليڪن سائڻ پنهنجي ذميداري سمجهي ڪري بيان ڪندي رهي.
فاطمه سلام الله عليها جي هڪ خاص عنايت امامت ۽ ولايت امام علي عليه السلام جي دفاع واري مسئلي ۾ هئي ۽ هن کي پنهنجي وظيفي جي عنوان سان سمجهندي هئي (فدڪ) واري مسئلي ۾ جيڪو جوهر اصلي هيو رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي نياڻي لاءِ ؛ اهوئي حضرت علي عليه سلام جي ولايت جو دفاع هيو. انهيءَ کان علاوه ٻي ڪا به شيءِ نه هئي، صديقه طاهره سلام الله عليها انسانن جي حرڪت هدايت کي بغير حضرت علي عليه السلام جي ڪجهه به نه سمجهندي هئي هر حال ۾ حضرت علي عليه السلام جو ساٿ ڏنائين.
سندس جي نظر ۾ هدايت بغير امام جي خاموش آهي ۽ وزيرن ۽ رئيسن؛ وڏيرن ان جوکي سبب قرار ڏنو ماڻهن جي سڌي رستي کان پري رهڻ جو انهيءَ لحاظ کان ولايت جو دفاع ڪرڻ ان جو اولين مقصد هيو تاڪه انهن بي دين وڏيرن’ رئيسن ۽ وزيرن جي ذريعي ماڻهو سڌي رستي کان گھڻو گمراهه نه ٿي وڃن ۽ پري نه هليا وڃن’ انهيءَ ڪري هن اهڙن رئيسن ۽ وڏيرن جي هر جاءِ تي مخالفت ڪئي ۽ حق بيان ڪندي رهي سائڻ فاطمه سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام جي فضائل جي ڪتاب کي پنجن حصن ۾ تقسيم ڪيو تاڪه سڀاڻي مطالعي ڪرڻ وارا حق جي رستي تي هلن ۽ اهو رستو جيڪو حق تي نه آهي انهيءَ کان پاسو ڪن. 1 پهريون حصو: هن حصي ۾ سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام کي خداوند متعال جي بارگاھ ۾ هڪ مخلص ٻانهي طور معرفي ڪئي آهي اهو خدا جو ٻانهو جيڪو سڄي رات عبادت جي شوق ۽ خدا جي خوف ۾ نماز جي جڳهه تي حالتِ نماز ۾ رهندو هيو.( ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ص، 116.)
2ٻيو حصو: هن حضرت علي عليه سلام جي نسبت رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم ڏي ڏني ۽ فرمائي ٿي ته حضرت علي عليه سلام پيغمبر اسلام جو بهترين جانشين آهي ۽ رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم جوبي مثال دوست آهي.
3 ٽيون حصو: اميرالمومنين علي عليه السلام جي امامت ۽ ولايت جي نسبت امت اسلامي جي درميان ڏئي ٿي ۽ حضرت علي عليه السلام کي امام ربّاني ۽ الله وارو ڄاڻائي ٿي فقط ۽ فقط حضرت علي عليه السلام اُمّتِ اسلام جي اڳواڻي رهبري جي لياقت رکي ٿو. انهيءَ بنا تي حضرت علي عليه السلام کي پهريون مسلمان ۽ دين تي ايمان و يقين رکڻ وارو سمهجي ٿي. ۽ اهوئي پنهنجو سڀ کان وڏو وظيفو حضرت علي عليه السلام جي نسبت سان سمجهي ٿي.(مناقب ابن شهرآشوب، ج،3،ص،33.)
4 چوٿون حصو: متقين جي امام علي عليه السلام جي هدايت ۽ رهبري ايڏو تاثير وارو ڏٺائين جو پاڻ کي امامت ۽ خلافت جي حاصل ڪرڻ لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي .
(مناقب خوارزمي، ص، 76 )
5. پنجون حصو: پنجين حصي ۾ اميرالمومنين علي عليه السلام جي شيعن کي بلند مرتبي وارو بيان ڪري ٿي، دلي بصيرت ۽ دلي اعتقاد سان پنهنجي والد گرامي رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي قول کي کولي بيان ڪري ٿي ۽ علي عليه السلام ۽ علي عليه السلام جي شيعن کي بهشت وارو سمجهي ٿي، جي ها! زهرا مرضيه سلام الله عليها امام علي عليه السلام جي منزلت ۽ مقام کي بهترين نموني سان سڃاڻي پئي، ۽ هن جي ذاتي قدرت ۽ خوبين کان به واقف هئي .
اهي حديثون جيڪي رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم اميرالمومنين علي عليه السلام جي متعلق بيان ڪيون هيون انهن کي مدام ٻڌندي هئي ۽ اسلام جي مصلحت ۽ ترقي لاءِ حضرت علي عليه سلام کي بهترين رهبر سمجهندي هئي حضرت علي عليه السلام جي هوندي ڪو ٻيو هن مقام ۽ منصب تي ويهي ته ان کي جائز نه سمجهندي هئي، انهيءَ لاءِ خلافت ۽ حضرت علي عليه السلام جي اثبات لاءِ ڪوشش ڪندي رهي ۽ زندگي جي آخري لحظه تائين امامت حضرت علي عليه السلام جو دفاع ۽ حمايت ڪندي رهي ۽ انهيءَ ڳالهه تان هٿ نه کيائين، جڏهن سقيفي جو سلسلو ختم ٿيو ۽ سقيفي وارا ڪجهه صحابي حضرت علي عليه السلام وٽ آيا تاڪه مولا علي عليه السلام کان بيعت وٺن ۽ پنهنجي حڪومت جو شرعي هجڻ ثابت ڪن، ۽ اهي اهو ڄاڻين پيا ته حضرت علي عليه السلام جي حفاظت ۽ تفرقي کي روڪڻ لاءِ ڪڏهن به اسان سان جنگ نه ڪندو ۽ هن جي بيعت تمام بني هاشم ۽ اهل بيت جي حامين جي مخالفت جو دروازو بند ڪري ڇڏيندي ۽ اسان جي خلافت جو بنياد مضبوط ٿيندو.
انهيءَ ڪري حضرت علي عليه السلام تي تمام گھڻو زور ڀريو، ۽ هن سان سهڻو سلوڪ نه ڪيو ويو.( الامامه و السياسه، ج،1ص،31)
اُهي انهي ڳالهه ۽ مطلب جي پويان هئا ته هر حال ۾ اميرالمومنين علي عليه السلام کي پنهنجي حاڪميت مڃرائين ليڪن سائڻ زهرا سلام الله عليها جي مخالفت انهن جي پوري پلان يا منصوبي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو بيبي سلام الله عليها جي مخالفت خليفن جي حڪم کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو ڇا ڪاڻ ته اهي اهو ڄاڻين پيا ته جيڪڏهن رسو خدا صلي الله عليه و آله و سلم جي نياڻي سان گستاخي ڪندا ته انهن جي حڪومت سست ۽ خطري ۾ پئجي ويندي.
مسعودي جي نقل مطابق صديقه طاهره سلام الله عليها جيستائين زنده هئي ته هي حضرت علي عليه السلام کان هرگز بيعت نه وٺي سگھيا بني هاشم سائڻ زهرا سلام الله عليها جي شهادت کان پوءِ بيعت ڪئي. (مروج الزهب، ج،2،ص،308 )
روايتن ۽ تاريخ ۾ سائڻ زهرا سلام الله عليها جيڪا سقيفي وارن جي مخالفت ڪئي اها تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهي حضرت زهرا مرضيه سلام الله عليها پنهنجي شهادت جي آخري ڏينهن تائين انهن سان رابطو ٽوڙي ڇڏيو ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي رهي ۽ ماڻهن کي سقيفي ۽ خلافت جي غصب واري مسئلي ڏانهن توجهه ڏياريندي رهي ۽ هرگز اهو نه پئي چاهيائين ته هي مسئلو ذهن جي تختيءَ تان وسري وڃي.
جڏهن انصار ۽ مهاجرين جون عورتون سندس عيادت لاءِ آيون ته حضرت فاطمه سلام الله عليها انهن عورتن کي اهيو فرمايو ته خبردار هي جيڪا حڪومت وجود ۾ آئي آهي انهيءَ جو بنياد غصب تي آهي اهي سڀئي غاصب آهن انهن ناحق رستو اختيار ڪيو آهي . انشاءَ الله ويجهڙائيءَ ۾ الله طرفان انهن کي سزا ملندي. (بحارالانوار، ج،43،ص،160)
سائڻ زهرا سلام الله عليها جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پهرئين ۽ ٻئي خليفي بيبي سلام الله عليها سان ملاقات ڪرڻ پئي چاهي ليڪن سائڻ فاطمه سلام الله عليها صاف انڪار ڪري ڇڏيو ليڪن بعد ۾ حضرت علي عليه السلام اها تقاضا ڪئي ته پنهنجي مڙس جي احترام ۾ ملاقات لاءِ راضي ٿئي ليڪن حضرت فاطمه سلام الله عليها جي روش ڏاڍي سخت هئي ۽ انهن ٻنهي کان آخر تائين ناراض هئي.
ماڻهن جي خاموشي تي اعتراض ڪرڻ
حضرت زهرا سلام الله عليها انهن جي مقابلي ۾ خاموش ويهڻ کي پنهنجي رضايت پئي سمجهي، انهيءَ لاءِ حضرت فاطمه سلام الله عليها هر جڳهه تي انهن جي مخالفت جو اظهار ڪيو ۽ ماڻهن کي انهي خاموشي تي بيدار ڪندي رهي خصوصاً مهاجرين ۽ انصار تي اهو اعتراض ڪيائين ته توهان باطل جي سامهون ڇو خاموش آهيو هڪ ڏينهن مديني جي مسجد ۾ هڪ خطبو ارشاد فرمايائين جنهن ۾ انصار ۽ مهاجرين کي مخاطب ڪندي فرمايائين : اي وڏي تنظيم وارا اي ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي اي اسلام جا محافظ توهان جي غفلت ۽ سستي منهنجي حق ۾ ڇو آهي؟ ڇو توهان سست ٿي ويا آهيو؟ انهن جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ منهنجي مدد ڇو نٿا ڪريو؟. (احتجاج طبرسي، ج،1، ص296)
فتني کي ظاهر ڪرڻ
زهرا مرضيه سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام جي حڪومت کي ساڳئي رسول خدا صلي الله عليه و آله و سلم واري حڪومت سمجهي پئي حضرت علي عليه السلام جي گھر کي وحي جو مرڪز ۽ سندس شخصيت کي دنيا ۽ آخرت جي امور کي بهترين ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ واري سان تعارف ڪرايو آهي . حضرت علي عليه السلام کان خلافت کسي هڪ پاسي ڪرڻ کي دين جو هڪ وڏو ۽ چٽو نقصان شمار ڪيو آهي. (احتجاج طبرسي، ج1، ص160)
سندس اهو اقدام ان مڪار سياست کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هيا جنهن مڪار سياست جي ذريعي حضرت علي عليه السلام کان خلافت جو حق کسيو ويو.
نتيجو
هن
پوري گفتگوءَ مان نتيجو نڪري ٿو ته سائڻ فاطمه سلام الله عليها دين جي
دشمنن جي خلاف ڀرپور جنگ ڪئي اها جنگ تلوار جي نه هئي پر ڪردار جي هئي ۽
حضرت فاطمه سلام الله عليها دنيا وارن کي اهو پيغام ڏنو ته ناحق جيڪڏهن حق
جي جاءِ تي ويهي تڏهن به ناحق، ناحق آهي، حق ڀلي ڪٿي به هجي پر ان جو اثر
باقي هوندو آهي.